باڪو: وزيراعظم شھباز شريف جو چيو آھي تہ تہ معرڪہ حق ۾ دنيا پاڪستان جي جنگي صلاحيتون ڏٺيون، پاڪستان جي فوجن دشمن جا ڏند کٽا ڪندي جنگي 7جھاز تباھہ ڪيا.
آذربائيجان جي فتح جي ڏھاڙي تي جي حوالي سان پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ يوم فتح جي تقريب ۾ شرڪت اعزاز آھي، پاڪستان جي عوام پاران آذر بائيجان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿون.
هن چيو تہ پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيہ ھميشہ دوستي ۽ يڪجھتي جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ٽنهي ملڪن جون دليون هڪٻئي سان ڌڙڪنديون آھن.
وزيراعظم چيو تہ معرڪہ حق دوران دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، پاڪ پاڪستان دشمن جا ڏند کٽا ڪندي انھن جا 7 بھترين جنگي جھاز تباھ ڪيا ، ڪاميابين جو جشن ملهائيندي مستقبل تي بہ نظر رکڻي آهي.
ھن چيو تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت دوران پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آذربائيجان ۽ ترڪيہ جا ٿورائتا آهيون.