راولپنڊي : پنجاب جي جيل کاتي جي اختيارن چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ محفوظ ۽ صحتمندآھي، ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ساڻس بشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي ويندي آھي.
پنھنجي بيان ۾اختيارن جو چوڻ آھي تہ جيل ۾ ھڪ بيرڪ جا 6 ڪمرا پي ٽي آءِ باني عمران خان جي استعمال ھيٺ آھن، ان وٽ ٽي وي ۽ اخبار جي سھولت موجود آھي، ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ٻاھران کاڌو گھرائڻ جي اجازت آھي، ٻاھران ديسي مرغي ۽ مڇي بہ گھرائي ويندي آھي.
اختيارن جو چوڻ آھي تہ پي ٽي آءِ باني سان جيل مينوئيل موجب ملاقات ڪرائي ويندي آھي، جيل جي حد ۾ ايندڙ ھر شخص جي ملاقات قانون ۽ رولز کي ڏسندي ڪرائي ويندي آھي، جيل جي حدن کان ٻاھر جي معاملن جي جيل انتظاميہ ذميوار ناھي.
واضح رھي تہ عمران خان جي صحت تي ڳڻتي جي حوالي سان سندس ڀيڻ عليمہ خان پنجاب جي گھرو کاتي ۽ آءِ جي جيل کي خط لکيو ھو.
پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمہ خان لکيل خط ۾ عمران خان جي صحت ۽ حفاظت تي خدشن جو اظھار ڪيو .
خط ۾ عليمہ خان چيو تہ 4 نومبر کانپوءِ گھر ڀاتين جي عمران خان ڪا بہ ملاقات ناھي ٿي، عمران خان گھر ڀاتين ۽ وڪيلن جي فوري ملاقات ڪرائي وڃي.
ھن چيو تہ عالمي ميڊيا رپورٽس ۾ عمران خان جي سيڪيورٽي تي سوال اٿي رھيا آھن، عمران خان جي حالت ۽ حراستي صورتحال تي وضاحت طلب ڪئي وڃي، خط ۾عليمہ خان چيو تہ پنجاب حڪومت عمران خان جي خيريت بابت فوري جواب ڏئي.
خط ۾ عليمہ خان چيو تہ عمران خان جي صحت ۽ حفاظت جي حوالي سان شفافيت يقيني بڻائي وڃي ڇو جو عوام ۾ شديد ڳڻتي پيدا ٿي رھي آھي………