باني جي نظر متاثر ٿيڻ جون خبرون پريشان ڪندڙ آھن، گھرڀاتين کي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي: خواجا سعد رفيق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا سعد رفيق پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اکين جي نظر متاثر ٿيڻ جي خبرن کي پريشان ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ خواجا سعد رفيق چي وتہ جيل سخت ھجي يا نرم پنھنجي قيدي کي ھڪ بيماري جو تحفوظ ضرور ڏيندو آھي، پي ٽي آءِ باني جي نظر متاثر ٿيڻ جون اچي رھيون آھن جيڪي پريشان ڪندڙ آھن.

خواجا سعد رفيق چيو تہ فوري ۽ اثرائتو علاج ھر انسان جو بنيادي حق آھي، مريض جيڪڏھن قيدي ھجي ۽ اوھان جو سياسي مخالف بہ ھجي تہ ان جي حقن جي حفاظت  ڪرڻ وڌيڪ اھم ٿي ويندو آھي.

هن چيو تہ ھن وقت سندن حڪومتي دور ۾ سياسي مخالفن سان بدسلوڪي جا واقعا ورجائڻ اعليٰ ظرفي نہ ھوندو.

خواجہ سعد رفيق پنهنجي پيغام ۾ لکيو تہ حڪومت ۽ رياستي ادارن جي ذميواري آهي تہ باني پي ٽي آءِ جي ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي سرڪاري موقف جاري ڪيو وڃي ۽ باني پي ٽي آءِ جي سندس گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائي وڃي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں