بالي ووڊ فلم” سياره“ جو نئون رڪارڊ، 300 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس

فہرستِ مضامین

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي تازو رليز ٿيل فلم سياره،  هڪ ٻيو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي. فلم 300 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪري 2025 جي ٻي وڏي فلم بڻجي وئي آهي، فلم جي ڪاميابي ۾ ڪھاڻي سان گڏ موسيقي پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

ڀارت ۾ سينما گهرن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين ڇانيل هي فلم 18 جولاءِ تي يش راج فلمز جي بينر هيٺ رليز ڪئي وئي. فلم جا مرڪزي ڪردار نوان چهرا آهن. فلم ۾ هيرو ڪرِش ڪپور جو ڪردار اهان پانڊي ادا ڪيو آهي، جڏهن ته هيروئن واني جو ڪردار انيت پڊا نڀايو آهي.

موهت سوري جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل هي رومانٽڪ ڊراما فلم سياره اميدن جي ابتڙ باڪس آفيس تي بلاڪ بسٽر ثابت ٿي، صرف 18 ڏينهن ۾ 307 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ھلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فلمن ۾ سياره جو ٻيون نمبر آهي، جڏهن ته پهرين نمبر تي وڪي ڪوشل جي فلم ڇاوا آهي، جنهن 615 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪيو آهي.

فلم سياره ۾ هيروئن (واني) جو ڪردار انيت پڊا ادا ڪيو آهي، جنهن کي الزائمر جي بيماري لڳي ٿي، هوءَ انهيءَ بيماري سان جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿي. اھا ڪھاڻي ڪورين فلم ” اَ موومينٽ ٽو رميمبر ” سان ھڪجھڙي رکي ٿي.

ڪورين فلم سان ھڪجھڙائي

ڪورين فلم ۾ ڪهاڻي جي شروعات ۾ ئي هيرو ۽ هيروئن جي شادي ٿي وڃي ٿي، ان کانپوءِ هيروئن سو کي الزائمر جي تشخيص ٿئي ٿي، ڪهاڻي ان جدوجهد تي مرکوز آهي، جتي مڙس پنهنجي زال جي يادگيرين کي وسامندي ڏسي به، ان سان ڀرپور پيار جاري رکي ٿو.

فلم سيارھ  ۽ ڪورين فلم ( اَ موومينٽ ٽو رميمبر ) جي ڪھاڻي ۾ ھڪجھڙائي ضرور لڳي ٿي پر فلم مڪمل ان جو ريميڪ آھي، اھو چوڻ کان اڳ ھوندو.

موهت سوري جي شاندار پيشڪش

فلم سياره کي موهت سوري ڊائريڪٽ ڪيو آهي. جن تقريباً ٻن ڏهاڪن ۾ 13 فلمن جي هدايتڪاري ڪئي آهي، پر هنن جي ڪا به فلم ماضي ۾ اهڙي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي.

موهت سوري کي رومانوي فلم ڊائريڪٽر ڪرڻ جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو. هو مشهور فلم ڊائريڪٽر مهش ڀٽ ۽ مڪيش ڀٽ جو ڀائٽيو آهن، ھن پنهنجي هدايتڪاري جو سفر 2005 ۾ زهر فلم سان شروع ڪيو، جنهن ۾ هيرو سندس  سئوٽ عمران هاشمي هو.

فلم سياره سان فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ واري آهان پانڊي جي ڀيٽ ريتڪ روشن سان ڪئي وڃي ٿي، جنھن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات 25 سال اڳ فلم ڪھو نا پيار ھي سان ڪئي ھئي.

فلم جي هيروئن انيت پڊا جو تعلق امرتسر سان آهي. هوءَ اداڪاري کان اڳ ماڊلنگ ڪندي هئي، فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ ھوءَ ڪيترن ئي اشتهارن ۾ به نظر اچي چڪي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں