خيبرپختونخواھ جـَي علائقي باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز، چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن جي حملي جَي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 12 خوارجين کي ماري ڇڏيو، دھشتگردن جي ڌماڪي ۾ 11 اھلڪار شھيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 16 فيبروري تي ضلعي باجوڙ ۾ فتنہ الخوارج بزدلاڻو حملو ڪيو، جنھن بعد سڪيورٽي فورسز ۽ دھشتگردن وچ ۾ چڪريون ٿيون، ان دوران 12 دھشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ حملي آور چيڪ پوسٽ جي سڪيورٽي ٽوڙڻ چاھين پيا پر سندن منصوبو ناڪام ڪيو ويو، جنھن تي حملي آورن بارودي مواد سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، جنھن بعد ڌماڪو ٿيو ۽ 11 ،اھلڪار بہ شھيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ ڌماڪي ۾ ڀرپاسي جي رھائشي عمارتن کي بہ نقصان پھتو، جنھن دوران ھڪ ڇوڪري شھيد ۽ 7 ماڻھو بہ زخمي ٿيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل ھئا، جن لاءِ فوري امدادي ڪارروايون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ علائقي ۾ وڌيڪ خوارجين جي ڳولا جاري آھي…..