باجوڙ جَي علائقي ماموند جَي 16 ڳوٺن ۾دهشٽگردن خلاف ٽارگيٽڊ ڪاررواين لاءِ ٻن ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو ٿيل آهي، علائقي واسين موجب پهرين ڏينهن جَي ڀيٽ ۾ اڄ نه هيليڪاپٽرن جو گشت نظر اچي رهيو آهي نه وري فائرنگ يا بمباري جا آواز اچي رهيا آهن.
گذريل ڏينهن باجوڙ جي ڊپٽي ڪمشنر جِي آفيس مان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ماموند جي 16 ڳوٺن ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ عوام جي چرپر تي پابندي رهندي ۽ اِها پابندي 29 جولاءِ کان 31 جولاءِ جي شام تائين برقرار رهندي.
مقامي صحافي بلال ياسر موجب ماموند ڏانهن ويندڙ مک روڊ (عمري چوڪ) وٽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي گل ظفر جي قيادت ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شامل مظاهرين هٿن ۾ قرآن کڻي آپريشن تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته ڪرفيو جو مقصد عسڪريت پسندن خلاف ٽارگيٽڊ ڪاررواين دوران عوام جَي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي، جڏهن ته آءِ ايس پي آر طرفان اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو.
مقامي صحافين موجب ڪرفيو جي پهرين ڏينهن فائرنگ ۽ بمباري سبب ڏهڪاءُ پکڙيو، جنهن سبب درجنين خاندان لڏ پلاڻ به ڪري ويا آهن.
ڪي پي جَي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شهيد شهرين توڙي سيڪيورٽي اهلڪارن جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ ۽ زخمين لاءِ 25-25 لک روپين جو اعلان ڪيو آهي.
وڏي وزير اھو نھ ٻڌايو ته ٽارگيٽڊ ڪارروائين دوران ڪيترا شهري ۽ اهلڪار شهيد ٿيا آهن.
ڪرفيو جي مخالفت
صوبي ۾ امان امان جي صورتحال تي علي امين گنڊاپور جي صدارت ھيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جي آپريشنز ۾ شهرين جي شهادت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.

اهڙن واقعن سان سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام وچ ۾ اعتماد ختم ٿي رهيو آهي، عوامي اعتماد ختم ٿيڻ سبب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون نه پيون ملن.
علي امين گنڊاپور صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته گهرو وزارت جي اجازت بنا ڪٿي به ڪرفيو يا قلم 144 لاڳو نه ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي اپوزيشن جماعتن فوجي آپريشن جِي مخالفت ڪئي آهي، اي اين پي جي ايمل ولي خان چيو ته باجوڙ ۾ معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن، اِن سلسلي کي بند ڪيو وڃي.
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جَي ترجمان اسلم غوري چيو ته سندن جماعت اِن مسئلي تي خاموش نه ويهندي، ماضي جي آپريشنز جا سٺا نتيجا ناهن نڪتا،
باجوڙ جو تعلقو ماموند ايترو اهم ڇو آهي؟

باجوڙ ضلعو افغانستان جي سرحد سان گڏ آهي ۽ ماموند جي سرحد افغانستان جي صوبي ڪنڙ سان سڌيءَ ريت ملي ٿي.
ماموند باجوڙ ضلعي جو سڀ کان وڏو تعلقو آهي، ان جِي پکيڙ 250 چورس ڪلو ميٽر آهي، اِن جي سرحد سالارزئي، خار باجوڙ ۽ ناواگئي تعلقن سان به ملي ٿي، جڏهن ته 2 افغان ضلعن شگئي ۽ مروانه سان به ماموند جي سرحد ملي ٿي.
خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن ۾ ڪافي عرصي کان صورتحال خراب آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، اِنهن ڪاررواين جي ذميواري اڪثر ڪري پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي قبوليندي رهي آهي.
هلندڙ مهيني باجوڙ ۾ بم ڌماڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فيصل اسماعيل، هڪ تپيدار ۽ 2 پوليس اهلڪار اجل جو شڪار ٿيا هئا.