اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر بشريٰ بي بي بابت برطانوي ميگزين جي دي اڪنامسٽ جي آرٽيڪل کي ڪوڙ، شرپسندي ۽ ڪردار ڪشي قرار ڏيندي قانون ڪارروائي جو اعلان ڪيو آھي.
تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوھر بشريٰ بي بي خلاف برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ جي آرٽيڪل کي ڪوڙ، شرپسندي ۽ ڪردار ڪشي قرار ڏيندي قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي بئريسٽر گوھر چيو تہ آرٽيڪل شرپسندي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھي، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ باني جي گهرواري هجڻ سبب جيل ۾ آهي، ان آرٽيڪل جو مقصد بشريٰ بي بي ۽ باني جي ڪردار ڪشي آهي.
هن چيو تہ ان کان اڳ بہ عدت جهڙا الزام هنيا ويا، جنهن مان هوءَ آجي ٿي، هيءَ بہ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي، اهڙن حربن سان بشريٰ بي بي کي نٿو ٽوڙي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته ان قسم جا آرٽيڪل اسپانسرڊ هوندا آهن ۽ اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين، وقت ثابت ڪندو تہ اهو سڀ ڪوڙ آهي…..