اھڙن ماڻھن جي دماغن جي صفائي پيا ڪريون جن کي پنجاب جي ترقي کان ساڙ آھي: مريم نواز

فہرستِ مضامین

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ھڪ ڀيرو ٻيھر مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آھي تہ ڪجھ ماڻھو پنجاب جي ترقيءَ کان سڙن ٿا، ھو صوبي جي ڳالھ نہ ڪندي تہ ٻيو ڪير ڪندو؟

لاھور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو تہ پنجاب ۾ صفائي ۽ ترقي جو انقلاب اچي چڪو آھي، صوبي مان نہ رڳو ڏوھن جي صفائي ڪري ڇڏي آھي پر اھڙن ماڻھن جي دماغن جي صفائي ڪري رھيا آھيون، جن کي پنجاب جي ترقيءَ کان ساڙ آھي، انھن جي دماغن جي بہ صفائي ڪنداسين، جن کي پنجاب کان حسد آھي.

مريم نواز پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو تہ شھباز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد صفائي جو نظام بہ تباھ ٿي ويو ھو، 4 سال گوگي پنڪي دور ۾ پاڪستان بدترين حالتون ڏٺيون، لاھور سميت پنجاب جي شھرن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا ھئا ۽ عوام ڏکيائين کي منھن ڏنو.

ھن چيو تہ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ کي پنجاب وانگر صاٿ ۽ سٿرو ڏسڻ چاھيان ٿي، جيڪڏھن مان ڪجھ چوان ٿي تہ پوءِ انھن کي ڪاوڙ اچي ٿي وڃي.

وزيراعليٰ پنجاب چيو تہ ٻين صوبن جي عوام کي سھولتن لاءِ پنھنجي حڪومتن کان سوال ڪن، تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ جون بھترين سھولتون عوام جو حق آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں