اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض احمد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حمد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 12 آگسٽ 2024 تي آرمي ايڪٽ تحت شروع ٿيو، فيض حميد تي 4 سنگين الزام لاڳو ڪيا ويا ھئا، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ، آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جيڪا رياست جي سلامتي ۽ مفاد جي خلاف ھئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ فيض حميد تي اختيارن، سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻھن کي نقصان پھچائڻ جا بہ الزام ھئا،ڊگهي ۽ تفصيلي قانوني ڪارروائي کانپوءِ فيض حميد تي الزام ثابت ٿيا ۽ کيس 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ھوندي.
آءِ ايس پي آر موجب ٽرائل دوران سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويون، ملزم کي پنھنجي مرضيءَ جي ڊفينس ٽيم جو حق بہ ڏنو ويو، سزا ٻڌايل شخص لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق رکي ٿو.