وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ اللہ چيو آھي تہ پي ٽي آءِ سان ڳالھين ۾ مڪمل ڊيڊ لاڪ آھي، اڊيالا جيل ٻاھران مستقل احتجاج ٿيندو رھيو تہ پي ٽي آءِ باني جي منتقلي جو سوچي سگھجي ٿو.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي راڻا ثناءُ اللہ چيو تہ پي ٽي آءِ وارا فوج خلاف بيان ڏئي ڀارتي پروپيگينڊا جو حصو بڻجي رھيا آھن، تحريڪ انصاف وارا معافي وٺن تہ ڪو رستو نڪري سگھي ٿو
ھن چيو تہ باني پي ٽي آءِ جي بيانن سبب ئي ڊيڊ لاڪ واري صورتحال پيدا ٿي آھي، جيڪڏھن اڊيالا جيل ڀرسان احتجاج ٿيندو رھيو تہ پي ٽي آءِ باني کي ڪنھن ٻي جيل منتقل ڪيو ويندو.
وزيراعظم جي صلاحڪار چيو تہ پي ٽي آءِ باني پارٽي جي سربراھ طور ھڪ اداري تي سڌي ريت تنقيد ڪئي، عوام اھو برداشت نہ ڪندو…..