ڪراچي: 27 ھين آئيني ترميم خلاف اپوزيشن جماعتن، سنڌ ايڪشن ڪميٽي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن پاران سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ريليون ڪڍي 27 ھين آئيني ترميم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
حيدرآباد ۾ ايس يو پي جي سڏ تي 27هين ترميم خلاف زين سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو تہ حڪمران پاڻ کي فائدو پھچائڻ لاء مسلسل آئين سان ھٿ چراند ڪري رھيا آھن، اسين آئين جا محافظ آھيون،آئين سان ڪنھن بہ صورت ۾ ڇيڙ ڇاڙ ٿيڻ نہ ڏينداسين .
لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي پي ٽي آءِ پاران جعفري امام بارگاھ کان جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي آئيني ترميم خلاف ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ پاران گھنٽا گھر چوڪ کان لائبريري چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
مورو ۾ آئين پاڪستان اتحاد ڪائونسل جي سڏ تي 26 ھين ۽ 27 ھين آئيني ترميم خلاف علامتي جنازو کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.
شھدادڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي 27ھين آئيني ترميم سميت ٻيا قانون پاس ڪرڻ خلاف ڪارڪنن پاران ھٿن ۾ جھنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي .
باڊھ ۾ بہ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن پاران 27 ھين آئيني ترميم خلاف ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي .
شھدادپور ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران 26 ھين ۽ 27 آئيني ترميم خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، وڪيلن، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران مظاھرو ڪيو ويو.
سٺ ميل ۾ ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران 26 ھين ۽ 27 ھين آئيني ترميم خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڀان سيدآباد ۾ تحفظ آئين پاڪستان ۽ قومپرست جماعتن پاران ٻرڙا ھائوس ڀان کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان آڏو احتجاج ڪيو ويو، ريلي ۾ ايس يو پي، پي ٽي آءِ، ٽي ايل پي سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
سڪرنڊ ۾ 26 ھين ۽ 27 ھين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي مختلف سياسي جماعتن پاران چانڊيا پيٽرول پمپ کان سينيما چوڪ تائين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو.
نوشهرو فيروز ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي اللھ واري چوڪ تي مظاھرو ڪيو ويو
خيرپور ۾ 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن خيرپور جي وڪيلن پاران سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.
جوھي ۾ 27ھين آئيني ترميم خلاف ايس يو پي، شھيد ڀٽو، جسقم ۽ پي ٽي آءِ سميت شھرين پاران بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
مٽياري ۾ ايس يو پي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27 ھين ترميم خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
گولاڙچي ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تحريڪ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
قاضي احمد ۾ بہ 27/26ھين آئيني ترميم جي خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران ناز مھل ھوٽل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي آئيني ترميم خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ڪنڊيارو ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 27هين ترميم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
نيوسعيد آباد ۾ سنڌ يونائٽيڊ پاران پريس ڪلب اڳيان 26,۽،27, ترميم خلاف احتجاج ڪيو ويو
دولتپور ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 27 ترميم خلاف ايس يو پي، پي ٽي آءِ ، جسقم ۽ ٻين تنظيمن طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .
اڳواڻن چيو تہ 26 ھين ۽ 27آئيني ترميم منظور ڪري سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، 27 ترميم منظور ڪري ججز کان اختيار کسيا ويا آھن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ ملڪ کي نقصان پھچائڻ ۽ تاحيات حڪمراني ڪرڻ خاطر اھڙيون ترميمون ڪيون پيو وڃن، جيڪي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ آھن….