اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت جي ڳالھين واري آڇ قبول ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان وفاقي حڪومت جي ڳالھين واري آڇ قبول ڪري ورتي

محمود خان اچڪزئي جي صدارت ھيٺ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ علامہ راجا ناصر عباس، بي اين پي مينگل اڳواڻ ساجد ترين، اسد قيصر کانسواءِ مصطفيٰ نواز کوکر ۽ اپوزيشن اتحاد جي ترجمان اخونزادہ حسين يوسفزئي شريڪ ٿيا.

اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو تہ پارليامينٽ، قانون جي بالادستي ۽ انساني حقن جي پاسداري بابت ڳالهين لاءِ تيار آهيون، آئيني ۽ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بہ ڳالهين لاءِ تيار آهيون۔

اپوزيشن اتحاد چيو آهي تہ جيڪڏھن سياسي جماعتون آئين جي بحالي، پارلياماني ۽ سول بالادستي لاءِ اتفاق ڪن ٿيون تہ اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون۔

اپوزيشن اتحاد جي ترجمان ٻڌايو تہ اپوزيشن شفاف چونڊن ۽ متفقہ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڳالهين تي تيار آهي، سياسي ۽ معاشي بحران، امن امان ۽ گورننس جي کوٽ مان ملڪ کي ڪڍڻ لاءِ ميثاق جي اشد ضرورت آھي، نئين ميثاق تي پي ٽي آءِ باني جي صحيح جي ذميواري محمود اچڪزئي کنئي آھي.

ان سلسلي ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي نائب صدر مصطفيٰ نواز کوکر ٻڌايو تہ ھو آئين ۽ نئين ميثاق تي حڪومت سان ڳالھين لاءِ تيار آھن.

مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ ھو تہ ھو ڳالھين لاءِ تيار آھن، سمجھون ٿا تہ ڳالھين جو دروازو بند نہ ٿيڻ گھرجي، وزيراعظم جي گفتگو ۽ بيان کي سنجيدگي سان ورتو آھي، پي ٽي آءِ سميت سمورين اتحادي جماعتن کي مشاورت ۾ شامل ڪيو آھي.

عمران خان جي آزادي يا ڪيسز جي خاتمي جو مطالبو نہ ڪنداسين: مصطفيٰ نواز

مصطفى نواز کوکر چيو تہ محمود اچڪزئي اڳ ئي چئي چڪو آھي تہ جيڪڏھن حڪومت سنجيدہ آھي تہ ھو باني پي ٽي آءِ جي صحيح پاڻ وٺندو، ڳالهين ۾ باني پي ٽي آءِ جي آزادي يا ڪيسز جي خاتمي جو مطالبو نہ ڪنداسين، آئين ۽ نئين ميثاق تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، حڪومت اڳتي وڌندي تہ نئين مرحلي بابت سوچينداسين۔

ياد رھي تہ گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي۔

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو تہ باني پي ٽي آءِ ان جا ساٿي ڳالهين جي ڳالھ ڪري رھيا آھن، پي ٽي آءِ قيادت کي پهريان بہ ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهيان، اسيمبلي فلور تي پڻ پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني، کين هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالھين جي دعوت ڏيان ٿو، پر رڳو جائز مطالبن تي ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون، ڳالهين جي اوٽ ۾ بليڪ ميلنگ نہ هلندي۔

پي ٽي آءِ ڪنھن صورت ۾ حڪومت سان ڳالھين ۾ شامل نہ ٿيندي: شيخ وقاص

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم چيو تہ حڪومت جو انداز سياسي پريشاني ۽ گھٻراٽ جي علامت آھي، حڪومت ڳالھين کي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري رھي آھي.

شيخ وقاص اڪرم پنهنجي بيان ۾ چيو تہ حڪومت محمود اچڪزئي ۽ علامہ راجا ناصر عباس سان رابطو ڪري سگهي ٿي، پر پي ٽي آءِ ڪنهن بہ حالت ۾ حڪومت سان ڳالهين ۾ شامل نہ ٿيندي، شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ تضاد وارو موقف آهي۔

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو تہ باني پي ٽي آءِ اپوزيشن الائنس جي قيادت کي ڳالهين ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏنو آهي، باني پي ٽي آءِ ۽ سڄي جماعت کي محمود خان اچڪزئي ۽ علامہ راجا ناصر عباس تي مڪمل اعتماد آهي۔………….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں