سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب مان 8 لک ڪيوسڪ گڊو ۾ ڇوڙ ٿيو ته قادر پور شينڪ بند ٽٽي سگهي ٿو، اهڙي ريت درياه جي ساڄي پاسي تي به 6 بند ڪمزور آھن، جن ۾ ڪي ڪي بند، مارجينل بند، ڪي ڪي فيڊر بند، نيو گھورگھٽ بند، ايڪس بند ۽ اولڊ ٽوڙي بند شامل آھن.
هن چيو ته پاڻي پنجند وٽ پھچندو ته صورتحال واضح ٿي ويندي، سنڌ حڪومت مھا ٻوڏ کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن، اميد ته گڊو بئراج وٽ 9 لک ڪيوسڪس پاڻي نه پھچندو، پاڪ نيوي ٽيمون ڏئي ڇڏيون آھن، پاڪ فوج ۽رينجرز کي به الرٽ رکيو ويو آھي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ ريئر ايڊمرل فيصل نيوي جي هيليڪاپٽر ۾ درياهه جي صورتحال جو جائزو ورتو، کين گڊو ۾ بريفنگ ڏني وئي ۽ نقشن جي مدد سان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.
گڊو ۾ مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي مانيٽر ڪري رھيا آھيون، انساني زندگيون ۽ جانورن کي بچائڻ سندن پھرين ترجيح آھي، ڪچي ۾ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 192 ٻيڙيون پھچايون ويون آھن، رليف ڪيمپس قائم ڪيون وينديون، متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وينديون.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ بچاءَ بندن جي صورتحال مختلف آهي
وڏي وزير مراد علي شاھه چيو ته پنجاب ۾ شھرن کي بچائڻ لاءِ انتظاميا بند ٽوڙي رھي آھي، پر سنڌ جي صورتحال مختلف آھي، سنڌ ۾ جيڪڏھن ڪو بند ٽٽو ته آبادي ٻڏي ويندي، تنھنڪري بندن جي مضبوطي سندن پھرين ترجيح آھي، هن چيو ته جيڪڏھن 8 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي آيو ته قادرپور شينڪ بند ٽٽي پوندو، درياھه جي ساڄي پاسي ڪي ڪي سميت 6 بند ڪمزور آھن، يقيني بڻايو ويندو ته ڪو به بند نه ٽٽي.
گڊو ۽ سکر بئراج جي صورتحال
وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ ھو پنجاب ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪري رھيا آھيون، پنجند وٽ پاڻي پھچڻ بعد صورتحال واضح ٿي ويندي، ھو سکر ۽ گڊو بئراج تي بھ ڌيان ڏئي رھيا آھن، کين اميد آھي تھ سکر ۽ گڊو بئراج مان پاڻي بھتر طريقي سان گذري ويندو، ٽنھي بئراجن جي صورتحال کي مسلسل ڏٺو پيو وڃي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه صوبائي وزيرن ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ ريئر ايڊمرل فيصل سان گڏجي نيول ھيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي گڊو بيراج جو فضائي جائزو ورتو، وڏي وزير مراد علي شاھ سان گڏ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو بھ ھيليڪاپٽر ۾ گڊو پھتا.
ڪچي واسين کي گھر ٺاھي ڏيڻ جو اعلان
وڏي وزير مراد علي شاھه چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع واري ٻوڏ جي متاثرن کي به گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، سندن بحالي وارو ڪم جاري آھي، ھو ھاڻي به اھو ئي تسلسل برقرار رکندا، جيڪڏھن ڪچي ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿئي ٿو ته ان جو ازالو ڪيو ويندو، ڪچي جي ماڻھن کي مٿانھين وارن علائقن ۾ گھر ٺاھي ڏنا ويندا، ھو اھڙي صورتحال ۾ عوام کي اڪيلو ناھن ڇڏيندا.