اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ واري تجويز کي رد ڪيون ٿا : بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

ڪراچي : پيپلز پارٽي 27 ھين آئيني ترميم تي ڪو بہ فيصلو نہ ڪري سگھي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آھي تہ  آئيني عدالت واري معاملي سميت ٻين معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.

بلاول ھائوس ۾ ٿيل پ پ جي سي ايِ سي اجلاس کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ  27 ھين ترميم ۾ آئيني عدالت وارو معاملو ڪافي منجھائيندڙ آھي انڪري پيپلز پارٽي جي سي ايِ سي اجلاس ۾ ڪو بہ فيصلو نہ ٿي سگھيو آھي، سمورن معاملن تي گھري نظر وڌي وئي، اجلاس ٻيھر اڄ جمعي نماز بعد طلب ڪيو ويو آھي جنھن ۾ 27 ھين ترميم تي وڌيڪ صلاح مشورا ڪرڻ بعد فيصلا ڪيا ويندا .

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو تہ اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ واري تجويز کي رد ڪيون ٿا، چئني صوبن جي نمائندگي تي ڪا بہ سوديبازي نہ ٿيندي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو تہ وفاقي حڪومت آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪرڻ چاھي ٿي، آرٽڪيل 243 ۾ تجويز ڪيل ترميم جي حمايت ڪري سگھون ٿا، پر پيپلز پارٽي ڪنھن بہ صورت ۾ صوبن جي حصي جي بابت تجويز جي حمايت نہ ڪندي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں