اينٽي ڪرپشن شاھراھ ڀٽو جو ڪجھ حصو لڙھي وڃڻ جو نوٽيس وٺي: اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي

فہرستِ مضامین

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي شاھراھ ڀٽو جو ڪجھھ حصو لڙھي وڃڻ واري معاملي جو اينٽي ڪرپشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ ملير ايڪسپريس وي جي لڙھي وڃڻ تي ڪارروائي بدران حق ۾ ڳالھائڻ مان لڳي ٿو دال ۾ ڪارو نہ پر سڄي دال ئي ڪاري آھي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيد چيو تہ شاھراھ ڀٽو جي لڙھي وڃڻ تي سنڌ سرڪار ان حوالي سان صفائي ۽ وضاحتون ڪيترائي شڪ اٿارين ٿيون.

علي خورشيدي چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جنھن حب ڪئنال جو افتتاح ڪيو ھو اھو بہ ٽٽي ويو ان معاملي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کان پڇاڻو ٿيڻ گھرجي.

برساتون پهريون ڀيرو نه وسيون آهن، حڪومت کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي، ڪراچي ۾ برسات سبب شهر جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ ڪي ايم سي، ٽي ايم سي  جي علائقن ۾روڊن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين 2022ع کان لولو لنگڙو مڪاني نظام ٿاڦيو ويو آهي.

علي خورشيدي چيو تہ هي نظام ۾ اها طاقت ئي ناهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور ڪري سگهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان مڪاني ايڪٽ کي مڪمل  رد ڪيو هو، مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي جي هن نظام کي پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي قبول ڪيو ۽ ٻنهي پارٽين بي ٽيم جو ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري تباهي جي جيتري ذميوار پيپلزپارٽي آهي ايتتي ئي ذميوار پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي آهي.

ھن چيو تھ ميئر صاحب ٻين کي ڇڏي ڏئي پر ڪي ايم سي جي ماتحت ايندڙ 105 روڊن جي ذميواري ته قبول ڪري،  شهر جا موالي پلين جو لوهه ڪڍي انهن کي تباهه ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ ھو تھ لڳي ٿو جماعت اسلامي کي مرڻ کان سواءِ جنت ۾ وڃڻو آهي، جماعت اسلامي ڇو پيپلزپارٽي سان تاڙو ملائي ڇو مڪاني چونڊن م حصو ورتو، جن حڪومتن ڪراچي جو حق ماريو آهي انھن خلاف اسان سڀ گڏ آهيون.

علي خورشيدي چيو تھ عوام جو جمهوريت تان اعتماد کڄي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان مڪاني ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں