پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيل اداري نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديل جا اثر خطرناڪ ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ سال شدت ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيندو.
ليفٽيننٽ جنرل حيدر جو چوڻ هو ته ايندڙ سال بدقسمتي سان وڌيڪ مشڪل هوندو۔
هن اها ڳالهه ملڪ جي موجوده صورتحال بابت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ڏنل بريفنگ دوران ڪئي۔
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گرمي پد وڌندو رهيو ته گليشيئرز ختم ٿي ويندا۔
هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته برساتي سسٽم 10 سيپٽمبر تائين برقرار رهندو، جيڪڏهن متاثر علائقن ۾ ٻيهر برسات پئي ته وڏو نقصان ٿيندو.
چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پاڻي جي ذخيري جي نگراني ڪئي پئي وڃي۔
ڏيڍ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ستلج واري علائقي مان ڏيڍ لک ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي۔
گلگت بلتستان ۾ ٿيل تباھي بابت هن چيو ته جيڪي هنڌ متاثر ٿيا آهن، انهن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو۔

ليفٽيننٽ جنرل حيدر جو چوڻ هو ته اڃا تائين مختلف علائقن ۾ 2100 ٽن امدادي سامان پهچايو ويو آهي۔
هن جو چوڻ هو ته ڪيترين ئي جڳهن تي ماڻهو پاڻي جي رستن تي رهندا هئا۔ چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي سڀني هيٺانهين وارن علائقن کي خالي ڪرايو وڃي۔
موسمياتي تبديلي ڇا آهي ۽ ڪهڙا اثر پوندا؟
موسمياتي تبديلي سبب گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو، برساتي سسٽم ۾ وڏي پئماني تبديلي ٿيندي آهي، مثال طور: اوچتو برسات تباهي مچائيندي، ماڻهن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه ملندو.
گرمي پد وڌڻ سبب گليشيئر تيزي سان ڳرڻ شروع ٿيندا ۽ سمنڊ جي سطح ۾ غير معمولي اضافو ٿيندو، هڪ پاسي ٻوڏ جهڙي صورتحال هوندي ته ٻَي پاسي خوراڪ جي کوٽ سبب مالي توڙي جاني نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.
ماهرن موجب سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب جر کارو ٿي ويندو، زرعي زمين اُپت ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏيندي، اوچتو گرمي ۽ ٿڌ سبب موسم منجهيل هوندو ۽ اِن جا ماڻهن تي خطرناڪ اثر پوندا.
موسمياتي تبديلي سبب جتي عام ماڻهو جي زندگي تي وڏو فرق پوندو، اُتي ملڪي معيشت به ڏينهون ڏينهن پٺتي پوڻ شروع ٿيندي، جنهن سبب معاشي توڙي انساني بحران جنم وٺندا.
موسمياتي تبديلي جا اثر ڪهڙن ملڪن تي وڌيڪ پوندا؟
ڏکڻ ايشيائي ملڪ جن ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي آهي، ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال متاثر ٿيندا ۽ متاثر ٿي به رهيا آهن.
عالمي ادارن جي رپورٽ موجب آفريڪي ملڪ صوماليه، سوڊآن، ايٿوپيا، نائيجيريا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ انڊونيشيا، فلپائن، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ شهرين تي سامونڊي طوفانن ۽ غير معمولي برساتن سبب وڏا اثر پوندا.