ايم ڪيو ايم پاران ترميم جي حمايت، وقت جي ضرورت قرار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم 27 ھين آئيني ترميم جي حمايت ڪندي ترميم کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو آھي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي خالد مقبول صديقي چيو تہ خالد مقبول صديقي چيو تہ 27 ھين ترميم وقت جي ضرورت آھي، ترميم لاءِ وزيراعظم سان پاڻ رابطو ڪيو.

ھن چيو تہ آئيني ترميم گڊ گورننس ۽ صوبن ۾ ھم آھنگي بابت آھي، مقامي خودمختياري جو نقطو شامل ٿيڻ گھرجي.

وفاقي وزير چيو تہ بلدياتي حڪومت جو تحفظ آئين ڪري ۽ سپريم ڪورٽ نگراني ڪري.

ان موقعي تي فاروق ستار چيو تہ آئيني ترميم تي حيراني ۽ پريشاني نہ ٿيڻ گھرجي، مقامي حڪومتن کي اختيار ڏئي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا.

فاروق ستار وڌيڪ چيو تہ صوبائي خودمختياري لاءِ 18 ھين ترميم آندي وئي، صوبائي خودمختياري کانپوءِ ايندڙ مرحلو بلدياتي خودمختياري جو ھجڻ گھرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں