پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ٻوڏ سبب ايم ڊي ڪيٽ جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
پي ايم ڊي سي موجب صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال جي ھدايت تي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آھي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت جي نمائندن سان صلاح مشوري بعد فيصلو ٿيو.
پي ايم ڊي سي موجب ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 26 آڪٽوبر 2025 تي ورتي ويندي.
پي ايم ڊي سي موجب ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو شيڊيول تبديل ڪيو، فيصلو شاگردن جي مفادن ۾ ڪيو ويو آھي.
واضح رھي تہ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 5 آڪٽوبر 2025 تي ٿيڻي ھئي.