ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل سموري ملڪ ۾ ميڊيڪل جي داخلائن لاءِ 5 آڪٽوبر 2025 تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
واضح رھي ته ان کان اڳ 22 سيپٽمبر 2024 تي ٿيل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ بي ضابطگيون ۽ پَيپر ليڪ ٿيڻ جون شاھديون سامھون آيون ھيون، جنھن بعد سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٽيسٽ کي رد ڪندي ٻيھر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏنو ھو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به هڪ درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ ۾ “ڪورس کان ٻاهر” سوال شامل ڪرڻ جي بنياد تي نئين سر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالت جو اھو حڪم اسلام آباد جي حدن تائين محدود ھو.
ھن ڀيري پي ايم ڊي سي پاران ھڪ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي، جنھن موجب ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو امتحان 5 آڪٽوبر تي صبح 10 وڳي ٿيندو.
ھيل ٽيسٽ لاءِ پي ايم ڊي سي هڪ 1800 سوالن تي مشتمل مرڪزي سوالن جي بئنڪ تيار ڪئي آهي، جيڪا سڀني صوبن ۽ امتحان وٺندڙ ادارن لاءِ ساڳين قاعدن تحت استعمال ٿيندي ته جيئن امتحان جي شفافيت ۽ معيار قائم رهي.
امتحان ڪير وٺندو؟
پنجاب جي اميدوارن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور پاران ورتي ويندي، جڏھن تھ سنڌ جي اميدوارن جي ٽيسٽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر پاران ورتي ويندي.

خيبرپختونخواھ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي ذميواري خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي کي ڏني وئي آھي، بلوچستان جي اميدوارن جي ٽيسٽ يونيورسٽي آف بلوچستان ڪوئيٽا پاران ورتي ويندي.
وفاقي علائقن ۽ آزاد ڪشمير جي اميدوارن لاءِ امتحان اسلام آباد جي شهيد ذوالفقار ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي وٺندي، گلگت جي اميدوارن جو امتحان به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد پاران ورتو ويندو.
رجسٽريشن جي شروعات
پي ايم ڊي سي موجب ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 2025 لاءِ رجسٽريشن 8 آگسٽ 2025 کان شروع ٿيندي، جيڪا 25 آگسٽ 2025 تائين ڪرائي سگهجي ٿي، دير سان رجسٽريشن جي آخري تاريخ 1 سيپٽمبر 2025 هوندي.
پي ايم ڊي سي موجب ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ لاءِ فيس 9 ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، دير جي صورت ۾ رجسٽريشن جي ليٽ فيس 13000 روپيا ٿيندي.
نتيجا روڪڻ جو حڪم
ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ھڪ سال اڳ 22 سيپٽمبر 2024 تي ورتي وئي ھئي، بي ضابطگين جي شڪايتن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ امتحان کي رد ڪري ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالتي حڪم تحت 8 ڊسمبر تي ٻيھر ٽيسٽ ورتي وئي ھئي، جنھن لاءِ حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا ھئا.
سنڌ ۾ ٻيھر ورتل ٽيسٽ ۾ 38,683 اميدوارن شرڪت ڪئي ھئي، رڳو ڪراچي مان 12,849 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو ھو، جن جي اين اي ڊي ۽ ڪراچي يونيورسٽيز ۾ ٽيسٽ ورتي وئي ھئي.
سنڌ ۾ آءِ بي اي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آھي، جنھن لاءِ رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اميدوارن لاءِ امتحاني سينٽرز جو اعلان ڪيو ويندو.