ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگھارن ۽ الائونسز ۾ اضافي واري بل جي متفقه طور منظوري ڏني وئي، سمورن ميمبرز ڊيسڪ وڄائي پگھارن ۽ الائونسز ۾ واڌ واري بل جي حمايت ڪئي، ڪنھن بھ ميمبر پاران مخالفت نه ڪئي وئي.
گذريل ڏينھن وڏي وزير جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بھ اسيمبلي ميمبرز جي پگھارن ۽ ٻين مراعتن ۾ واڌ واري بل جي منظوري ڏني وئي ھئي.
اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار ميمبرز جي پگھارن ۽ مراعتن ۾ واڌ بابت سيلريز اينڊ الائونس بل 2025 پيش ڪيو.
پگھارن ۽ مراعتن ۾ اضافو پھرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو
بل تحت قائد ايوان، اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر سميت سمورن ميمبرز جي پگھارن ۽ مراعتن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي، اپوزيشن ليڊر کي ھڪ وزير جيتريون مراعتون حاصل ھونديون، پگھارن ۽ مراعتن ۾ اضافو پھرين جولاءِ کان لاڳو ڪيو ويندو.
منظور ڪيل بل موجب اسپيڪر جي صدارت ھيٺ ھڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا ميمبرز جي پگھارن، الائونسز ۽ ٻين مراعتن جو جائزو وٺندي.
بل موجب پارلياماني ڪميٽي اسيمبلي ميمبرز جون پگھارون ۽ مراعتون ٻين صوبائي اسيمبليز ميمبرز جي حساب سان وڌائڻ بابت حڪومت کي وقت بوقت پنھنجيون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪندي رھندي.
اسيمبلي ميمبرز جي پگھارن، الائونسز ۽ ٻين مراعتن جو جائزو وٺڻ ۽ حڪومت کي سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي جو ھر سال مئي جي مھيني ۾ اجلاس ٿيندو.
بل موجب مالي سال 2025-26 لاءِ ڪميٽي جي گڏجاڻي آگسٽ 2025 ۾ ٿيندي، جڏھن تھ ايندڙ سالن ۾ ڪميٽي جي گڏجاڻي ھر سال مئي ۾ ٿيندي.
اسيمبلي جي ھر ميمبر کي پارلياماني ڪميٽي جي تجويز ڪيل حساب سان پگھار ملندي ۽ حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي تجويز ڪيل سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ جي پابند ھوندي.
ميمبرن لاءِ وڏا الائونس ۽ وڏيون سھولتون

سنڌ اسيمبلي مان منظوري ڏنل بل موجب اسيمبلي ميمبرز کي جيڪي مراعتون ۽ سھولتون ڏنيون ويون آھن، انھن ۾ خرچن لاءِ الائونس، گھر جي ڀاڙي لاءِ الائونس، يوٽيليٽيز الائونس، ڊيلي الائونس ۽ ڪنويئنس الائونس شامل ھوندا.
اسيمبلي ميمبرز کي سبسڊي، اڪوموڊيشن الائونس، ٽريولنگ الائونس ۽ سرڪاري ڪمن لاءِ پنھنجيون گاڏيون استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ مائيليج الائونس بھ ڏنو ويندو.
نئين بل تحت اسيمبلي ميمبرز کي حاصل ٿيندڙ سھولتن ۾ سفري سھولت، ٽيليفون جي سھولت، طبي سھولتون ۽ آفيس مينٽيننس الائونس جي سھولت بھ شامل ھوندي، ڪميٽي وڌيڪ نيون سھولتون بھ تجويز ڪري سگھندي.
اپوزيشن ليڊر کي وزير واريون مراعتون ملنديون
سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل بل موجب اپوزيشن ليڊر کي ھڪ وزير جيتري پگھار ۽ ٻيون مراعتون حاصل ھونديون.
منظوري ڏنل بل موجب سنڌ منسٽرز سيلريز، الائونسز اينڊ پريويليجز ايڪٽ 1975 تحت ھڪ صوبائي وزير کي جيڪا پگھار، الائونس ۽ ٻيون سھولتون ملن ٿيون، اپوزيشن ليڊر بھ انھن سڀني جو حقدار ھوندو.
بل موجب ڪنھن سليڪٽ ڪميٽي يا اسپيشل ڪميٽي کانسواءِ اسيمبلي جي ڪنھن بھ ڪميٽي جو چيئرمين ھڪ کان وڌيڪ گاڏيون (ڪار) استعمال ڪرڻ جو حقدار نھ ھوندو، کيس عھدي تي رھڻ واري عرصي دوران ھڪ ڪار ڏني ويندي.
ڪميٽي جي چيئرمين کي پارلياماني ڪميٽي جي سفارش تحت پيٽرول ۽ مينٽيننس الائونس ڏنو ويندو ۽ ڪار جي مينٽيننس سندس ذميواري ھوندي، عھدو ڇڏڻ جي ٽن ڏينھن اندر کيس ڪار واپس ڪرڻي پوندي.
سنڌ جي ايم پي ايز جي پگھار ڪيتري مقرر ٿيندي؟
سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل بل ۾ ھڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، جيڪا اسيمبلي ميمبرز جي پگھار ٻين صوبائي اسيمبلي ميمبرز جي برابر ڪرڻ جو جائزو وٺندي ۽ پنھنجيون سفارشون پيش ڪندي.
پنجاب اسيمبلي ڊسمبر 2024 ۾ چونڊيل نمائندن جي سيلريز واري ترميمي بل جي منظوري ڏيندي ايم پي ايز جي پگھار ھڪ لک 76 ھزار مان وڌائي 5 لک روپيا ماھوار مقرر ڪئي.
بلوچستان اسيمبلي ڏھاڪو اڳ آڪٽوبر 2014 ۾ اسيمبلي ميمبرز جي پگھار 4 لک 40 ھزار مقرر ڪئي ھئي، جڏھن تھ سنڌ ۽ خيبر پختونخواھ جي اسيمبلي ميمبرز جي پگھار ھڪ لک 45 ھزار ۽ ھڪ لک 60 ھزار تائين محدود رھي.
سنڌ اسيمبلي مان منظوري مليل بل تحت ھڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا ٻين صوبائي اسيمبليز جي ميمبرز جي پگھارن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ايم پي ايز جي پگھارن ۾ ڦير ڦار بابت سفارشون پيش ڪندي.
ڏسڻو اھو آھي تھ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواھ اسيمبليز جي ميمبرز جي پگھارن کي نظر ۾ رکندي سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي سنڌ جي ايم پي ايز جي پگھار ڪيتري مقرر ڪرڻ جي سفارش ٿي ڪري.
ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگھار 5 لک 16 ھزار ٿي وئي
ھلندڙ سال فيبروري ۾ سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي بھ ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگھارن ۾ زبردست واڌ وارن بلن جي منظوري ڏني ھئي، جنھن بعد ايم اين اي ۽ سينيٽر جي پگھار ھڪ لک 80 ھزار مان وڌي 5 لک 19 ھزار ٿي وئي.
صدر آصف علي زرداري مئي 2025 ۾ ھڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنھن تحت وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگھار بھ ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي برابر 5 لک 19 ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي. ان کان اڳ وفاقي وزيرن جي پگھار 2 لک روپيا ۽ مملڪتي وزيرن جي پگھار ھڪ لک 80 ھزار روپيا ھئي. اپوزيشن ۽ عوامي حلقن جي تنقيد بعد ايم اين ايز جي پگھار 5 لک 16 ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي.