ايف سي هيڊڪوارٽر آپگھاتي حملي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، سهولتڪار بہ افغان شهري نڪتا

فہرستِ مضامین

پشاور: فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر پشاور تي ٿيل آپگھاتي ڌماڪن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔

جاچ ڪندڙ عملدارن موجب، ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪندڙ آپگھاتي بمبارن جا سهولتڪار جو تعلق پڻ افغانستان سان آھي

عملدارن جو چوڻ آهي تہ آپگھاتي ڌماڪن جي منصوبابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي، جڏھن تہ واقعي سان لاڳاپيل اهم گرفتاريون به ڪيون ويون آهن۔

ياد رھي تہ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽرز تي حملو گذريل سال 24 نومبر تي ٿيو هو، جنهن ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا هئا، جڏھن تہ دهشتگردن جي حملي ۾ 8 شهري بہ زخمي ٿيا هئا۔

جاچ ڪندڙ عملدارن موجب، ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي ڪندڙ ٽئي آپگھاتي بمبار افغان شهري هئا۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں