ايف آءِ اي جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي، ملائيشيا ويندڙ 23 مسافر آف لوڊ

فہرستِ مضامین

ڪراچي : ايف آءِ اي جي امیگريشن شعبي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ملائيشيا ويندڙ 23 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو، جيڪي غير قانوني طور تي نوڪري جي مقصد سان وڃي رهيا هئا.

ايف آءِ اي موجب، ايف آءِ امیگريشن ملائيشيا ويندڙ مسافر اڏام ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ جن مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو، اهي مختلف ايجنٽن سان رابطن ۾ هئا ۽ ملائيشيا پهچي روپوش ٿيڻ جو منصوبو ٺاهيو هو.

ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو تہ مسافرن اعتراف ڪيو ته اهي وزٽ ويزا تي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃي رهيا هئا، جن جو تعلق ڪراچي، لوئرڊير، مردان، سوات، باجوڙ، بنو، گجرات ۽ پشاور جي مختلف علائقن سان آهي.

مسافرن ملائيشيا پهچي وزٽ ويزا تي غيرقانوني طور تي نوڪري ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي، جڏهن ته امیگريشن پروفائلنگ دوران مسافرن وٽ رقم موجود نه هئي ۽ اهي وزٽ ويزا جي خرچن لاءِ گهربل رقم ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا.

ايف آءِ اي ٻڌايو تہ مسافرن ملائيشيا جي وزٽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري بينڪ اسٽيٽمينٽ جمع نه ڪرايا هئا ۽ انهن جو گروپ محمد اويس نالي ايجنٽ جي ذريعي سفر ڪري رهيو هو.

جاچ دوران ايجنٽ محمد اويس انڪشاف ڪيو تہ ويزن جو انتظام هڪ مسافر وسيم خان، اسٽيفن نالي ايجنٽ جي ذريعي ڪرايو هو ۽ ادائگيون بينڪ اڪائونٽ ذريعي ڪيون ويون.

ايف آءِ اي امیگريشن سمورن مسافرن کي آف لوڊ ڪري وڌيڪ تصديق ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں