ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستاني ٽيم اڄ پنھنجي پھرين ميچ عمان خلاف کيڏندي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان سلمان علي آغا جي قيادت ۾ ميدان ۾ لھندي، عمان خلاف ميچ کي پاڪ-ڀارت دنگل کان اڳ وارم اپ ميچ طور ڏٺو پيو وڃي.
ميچ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن دبئي جي پچ جو معائنو ڪيو، ھيڊ ڪوچ چيو تہ دبئي جي پچ بيٽرز لاءِ سازگار آھي، پاڪستاني ٽيم ۾ ملٽي اسڪلز رانديگر شامل آھن.
ٻئي پاسي عماني ٽيم جي ڪپتان جديندر سنگھھ چيو تہ سندن ٽيم جو پاڪستان سان ڪو بہ مقابلو ناھي پر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪجھ بہ ٿي سگھي ٿو، ايشيا ڪپ 2025 ۾ 14 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمھون سامھون ٿينديون