دوحہ : رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان شاهينز ڀارت اي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو
رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ جي گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ ڀارت جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 19 اوورن ۾ 136 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت جو ويڀَو سورياونشي 45 ۽ نمان ڌير 35 رنسن سان اڳڀرا رھيا، پاڪستان طرفان شاهد عزيز 3، سعد مسعود ۽ معاذ صداقت 2-2، عبيد شاهہ، احمد دانيال ۽ سفيان مقيم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 13.2 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو،معاذ صداقت ناقابل شڪست 79 رنسن جي اننگز کيڏي، محمد فائق 16، محمد نعيم 14 ۽ ياسر خان 11 رنسون ٺاهيون.