ناليواري ڊيزانئر نيتا انڪشاف ڪيو آھي تہ اداڪارا ايشواريا راءِ 400 ڪلو وزني زيورن جي حفاظت 5 سيڪيورٽي گارڊ ڪندا ھئا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب نيتا 2008 جي فلم جودھا اڪبر جي سيٽ جا ڪجھ حيران ڪندڙ ۽دلچسپ واقعا شيئر ڪيا آھن، 62 ورھين جي ھدايتڪارا شوتوش گواريڪر جي ھن فلم ۾ ايشواريا راءِ سان گڏ مرڪزي ڪردار ريٿڪ روشن ادا ڪيو ھو.
ناليواري عورت ڊيزائنر ٻڌايو تہ فلم جا ڪپڙا غيرمعمولي پيماني تي تيار ڪيا ويا ۽ لڳ ڀڳ 400 ڪلو زيور تيار ڪيا ويا، جن جي تياري ۾ 600 کان وڌيڪ ڏينهن لڳا۔
هن وڌيڪ چيو تہ ايشواريا راءِ جي ڪردار لاءِ ٺھرايل اھي زيور انتھائي قيمتي ھئا، جنھنڪري سيٽ تي 5 سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيا ويا هئا، جيڪي هر زيور جو مڪمل رڪارڊ سنڀاليندا هئا۔
نيتا اهو بہ ٻڌايو تہ فلم جي عڪس بندي دوران هڪ موقعي تي ننڍڙو موتي ڪري پيو، جنهن سبب سيٽ تي هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، سڀني کي لڳو تہ ڪو قيمتي زيور گم ٿي ويو آهي، پر پوءِ خبر پئي تہ رڳو هڪ موتي هو.
ڪپڙن جي ناليواري ڊيزائنر چار ڀيرا نيشنل ايوارڊ کٽي چڪي آهي ۽ هوءَ ڀارتي سنيما جي نمايان ڪاسٽيوم ڊيزائنر طور سڃاتي وڃي ٿي۔……