سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ايس ايس پي سکر خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ايس ايس پي سکر محمد اظھر مغل جي مقرري خلاف وڪيل عبدالرحيم مھر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران درخواستگذارن جي وڪلين طرفان دليل ڏنا ويا.
درخواستگذار جي وڪيل تنوير عباس شاھھ ۽ ٻين چيو تھ سکر ۾ ھڪ نااھل آفيسر کي ايس ايس پي طور مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن سبب ڌاڙن، ڦرن، قتل، چورين ۽ ٻين ڏوھن ۾ اضافو ٿي ويو آھي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تھ سکر شھر سميت سموري ضلعي ۾ بدامني سبب ماڻھو ماڻھو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، بدامني جي باھ سبب ھر طبقي جو ماڻھو متاثر ٿي رھيو آھي.
درخواستگذار وج چوڻ ھو تھ 2011 ۾ گھرو کاتي چيو تھ سکر ۾ 19ھين گريڊ جي اھل آفيسر کي مقرر ڪيو ويندو، ان جاءِ تي 18ھين گريڊ جي محمد اظھر جي مقرري ان حڪم جي لتاڙ آھي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي تھ محمد اظھر مغل کي عھدي تان ھٽائي 19ھين گريڊ جي آفيسر کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو وڃي.
عدالت درخواست گذار جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد چيف سيڪريٽري سنڌ، گھرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 17 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.
ٻئي پاسي درخواستگذار ايڊووڪيٽ عبدالرحيم مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي سکر محمد اظهر مغل جي غفلت جي نتيجي ۾ امن امان خراب ٿي ويو آهي، ايس ايس پي چوري ۽ ڦر ٿيل 95 موٽرسائيڪل ريڪوري ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.
سندس چوڻ ھو تھ اسان ڪورٽ سڳوري کي درخواست ڪئي آهي ته امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لائق آفيسر کي ايس ايس پي طور مقرر ڪيو وڃي، جيئن شهر ۽ ضلعي سکر جو امن امان بحال ٿئي ۽ ماڻهن جي جان مال محفوظ رھي.