ايس ايس پي دادو پوليس جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 9 اھلڪارن جون نوڪريون چَٽ ڪري ڇڏيون

فہرستِ مضامین

جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس ايس پي دادو ڪيپٽن ريٽائرڊ امير سعود مگسي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 9 پوليس اھلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو.

برطرف ڪيل پوليس اھلڪارن ۾ ڪانسٽيبل اعجاز علي ٻٻر، ڪانسٽيبل نديم علي دايو، الھه بخش رند ۽ ڪانسٽيبل مظھر علي ھيسباڻي شامل آھن.

ان کانسواءِ ڪانسٽيبل عبدالمجيد ٻٻر، ڪانسٽيبل امير علي زرداري، غلام قادر عمراڻي، جاويد علي سڌايو ۽ ڪانسٽيبل فاروق الرحمان کي به نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.

ترجمان دادو پوليس موجب 17 اھلڪارن کي شوڪاز نوٽيس ۽ 6 اھلڪارن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ايس ايس پي موجب نظم ۽ ضبط ھر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں