ايران ۾ ترسيل پاڪستاني چرپر محدود رکن ۽ احتياط ڪن : پرڏيھي کاتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي سيڪيورٽي خدشن جي سبب غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.

پرڏيھي کاتي پاڪستاني شهرين کي ايران جي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايران ۾ رھندڙ پاڪستانين کي خبردار رھڻ، غيرضروري اچ وڃ محدود رکڻ ۽ پاڪستاني مشنز سان لڳاتار رابطي ۾ رھڻ جو مشورو ڏنو آهي۔

پرڏيهي کاتي تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا رابطي جا نمبر جاري ڪندي هنگامي صورتحال ۾ شهرين کي فوري رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

پرڏيهي کاتي موجب زاھدان ۽ مشھد ۾ پاڪستاني قونصلر رابطي جا نمبر پڻ جاري ڪيا ويا آهن ۽ شهرين کان صورتحال تي نظر رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي۔

پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي تہ سفارتي مشنز پاڪستانين جي مدد لاءِ هر وقت دستياب آهن۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں