ايران کان واپس ويندڙ افغان پناهگيرن جي بس افغانستان جي اوڀرندي صوبي هرات ۾ آئل ٽينڪر ۽ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت 79 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ موجب پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو بس جي تيز رفتاري ۽ ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو، ٽڪر بعد بس کي باهه ڏئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار سمورا پناهگير، آئل ٽينڪر ۾ سوار 2 ۽ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.
هرات جي صوبائي حڪومت جي ترجمان محمد يوسف سعيدي ٻڌايو ته بس ۾ اُهي افغان شهري سوار هئا جيڪي تازو ايران کان واپس آيا ۽ ڪابل وڃي رهيا هئا.
حادثي جو شڪار ٿيل شهري اُنهن هزارين افغانين ۾ شامل آهن جن کي ايران مان زبردستي ملڪ بدر ڪيو ويو هو.
ترجمان هرات حڪومت يوسف سعيدي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل مسافر مهاجر هئا جيڪي اسلام قلعه مان بس ۾ سوار ٿيا هئا، اسلام قلعه ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽ آهي.
پوليس موجب حادثو هرات شهر کان ٻاهر گذره ضلعي ۾ پيش آيو ۽ اُن ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار به اجل جو شڪار ٿيو، 2 ڄڻا ٽرڪ ۾ ۽ 2 موٽر سائيڪل سوار هئا، جيڪي ٿڏي تي موت جو شڪار بڻجي ويا.
افغانستان ۾ روڊ حادثا ڇو ٿيندا آهن؟

افغانستان ۾ روڊ حادثا عام آهن جنهن جا ڪارڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهندڙ جنگ سبب تباهه ٿيل روڊ رستا آهن، هاءِ ويز تي خطرناڪ ڊرائيورنگ ۽ قانون تي عملدرآمد نه هجڻ به معمول بڻيل آهي.
گذريل سال ڊسمبر ۾ به افغانستان جي علائقي ۾ هڪ آئل ٽينڪر ۽ ٽرڪ سان ٻن بسن جو ٽڪر ٿيو هو، حادثي جي نتيجي ۾ 52 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شامل هو.
ان کان اڳ هرات ۾ طالبان حڪومت جي اطلاعات ۽ ثقافت جي سربراهه احمد الله متقي عالمي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته ايران کان واپس ايندڙ پناهگيرن کي کڻي ايندڙ هڪ بس، پهرين هڪ موٽر سائيڪل ۽ پوءِ تيل کڻي ويندڙ هڪ ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي آهي..
احمد الله متقي موجب، ٽڪر کانپوءِ گاڏين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب بس ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 17 ٻار به شامل آهن.
هن ٻڌايو ته ٻي گاڏي ۾ سوار ٻن ماڻهن جي موت ٿي وئي جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽڪر کان پوءِ مسافر بس باهه جي لپيٽ ۾ آهي ۽ سيڪيورٽي اهلڪار ان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.