آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران ڏانھن سامونڊي ٻيڙو روانو ڪيو آهي، پر ان کي استعمال نہ ڪرڻ ئي بهتر هوندو
صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو تہ هن وقت ڪيترائي وڏا ۽ طاقتور آمريڪي جنگي جهاز ايران جي طرف وڌي رھيا آهن، پر اميد آهي تہ ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت نہ پوندي.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ايران سان ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ جو ارادو آهي، هن ٻڌايو تہ اڳ بہ ايران سان ڳالھيون ٿي چڪيون آھن ۽ مستقبل ۾ بہ ٿينديون.
ھن چيو تہ تہ برطانيه لاءِ چين سان ڪاروبار ڪرڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ چين سان واپاري سهڪار برطانيہ جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.
صدر ٽرمپ چيو تہ ڪينيڊا لاءِ چين سان ڪاروبار ڪرڻ ان کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهي. هن زور ڏنو تہ اتحادي ملڪن کي چين سان وڌندڙ واپاري لاڳاپن بابت خاص احتياط ڪرڻ گهرجي………