ايران وٽ جوھري ھٿيار نہ آمريڪا جي ترجيح آھي: آمريڪي نائب صدر

فہرستِ مضامین

واشنگٽن : آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آھي تہ ايران وٽ جوھري ھٿيار نہ ھجڻ آمريڪا جي پھرين ترجيح آھي

ھڪ بيان ۾ جي ڊي وينس چيو تہ ايران سان ڳالھين جو ٻيو دور سٺو ۽ تعميري رھيو

هن چيو تہ آمريڪا جي پهرين ترجيح اها آهي تہ ايران وٽ جوھري هٿيار نہ هجن، ان لحاظ سان ڳالهہ ٻولهہ سٺي رھي، پر ايران صدر ٽرمپ جي مقرر ڪيل ڪجهه “ريڊ لائنز” تي ڳالهہ ٻولهہ لاءِ اڃا تيار ناهي.

جي ڊي وینس چيو تہ اسان هن تي ڪم جاري رکنداسين، پر صدر ٽرمپ وٽ اختيار آهي تہ هو جڏھن تہ چاهين، اهو چئي سگهي  ٿو تہ سفارتڪاري پنهنجي فطري نتيجي تي پهچي وئي آهي.

نائب صدر اميد ظاهر ڪئي تہ اهڙي صورتحال پيدا نہ ٿيندي، پر جيڪڏھن ٿيندي تہ اهو صدر تي ٻڌل آھي، جڏھن تہ جي ڊي وینس ريڊ لائنز جي وضاحت ڪرڻ کان پاسو ڪيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں