ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي ايران جي اعليٰ سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني جي شھادت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي تہ ايران جو سياسي ڍانچو مضبوط آهي ۽ ڪنهن بہ فرد جي موجودگي يا غيرموجودگي سان نظام متاثر نٿو ٿئي۔
پرڏيهي وزير هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو تہ ايران وٽ اڳ بہ وڏا اڳواڻ رھيا آهن، پر سندن شھادت باوجود بہ رياستي نظام جاري رھيو ۽ فوري طور متبادل قيادت مقرر ڪئي وئي، هن چيو تہ جيڪڏھن ڪو ٻيو اهم شخص بہ شھيد ٿئي ٿو تڏھن بہ اهو سلسلو ساڳئي نموني جاري رھندو۔
سندس چوڻ هو تہ جيڪڏھن پاڻ يعني پرڏيهي وزير کيس بہ ڪنهن ڏينهن نشانو بڻايو ويو تہ سندن جاءِ تي ٻيو ماڻهو مقرر ڪيو ويندو، ڇو تہ رياست جو نظام فردن کان وڌيڪ اهم آهي
عباس عراقچي جو چوڻ ھو تہ آمريڪي فوج فوجي اڏن مان نڪري شھري علائقن ۽ ھوٽلن ۾ منتقل ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، آمريڪي فوج جي منتقلي سبب اھڙا ھنڌ بہ نشاني تي آيا جيڪي آبادي جي ويجھو آھن……