لائیو ايران عارضي جنگبندي جي تجويز رد ڪري ڇڏي، اھم مطالبا پيش

فہرستِ مضامین

ايران عارضي جنگ بندي جي تجويز رد ڪندي پنهنجا اهم مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن۔

ايران واضح ڪيو آهي تہ هو عارضي جنگ بندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ تڪرار جي مستقل خاتمي، پابندين جي مڪمل خاتمي ۽ اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن سبب ٿيل نقصانن جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي۔

ٻئي پاسي، ايران آمريڪي تجويزن تي پنهنجو ردعمل پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جڏھن تہ هڪ سينيئر ايراني عملدار پڻ تصديق ڪئي آهي تہ پاڪستان طرفان جنگبندي جي تجويز وصول ٿي آهي۔

ان حوالي سان ايراني ميڊيا ٻڌايو آهي تہ 10 نقطن تي ٻڌل جواب ۾ آبنائي هرمز مان محفوظ گذر لاءِ  ضابطا بہ شامل ڪيا ويا آهن۔

هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچی چيو آهي تہ ايران عارضي جنگبندي جي بدلي آبنائي هرمز کولڻ يا ڪا مقرر مدو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ آمريڪي حملن جو جواب رڳو علائقي تائين محدود نہ رھندو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں