واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي ۽ ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪنهن ڊيل جي ضرورت آهي۔
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو تہ وينزويلا ڏانهن موڪليل سامونڊي ٻيڙي کان بہ وڏو بحري ٻيڙو ايران ڏانهن روانو ٿي رھيو آھي.
آمريڪي صدر چيو تہ جيڪڏھن ايران سان معاملا طئي ٿي ويا تہ بھتر ھوندو، هن خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن ايئن نہ ٿيو تہ خراب نتيجا نڪرندا
آمريڪي صدر جمعي ڏينهن اسٽيئو وِٽڪوف جي ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهين جي بہ تصديق ڪئي۔
يوڪرين-روس جنگ بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو تہ روس ۽ يوڪرين جنگبندي تي ڪم ڪري رھيا آهن ۽ جنگبندي بابت سٺي خبر اچڻ جي اميد آهي۔……..