مارڪو روبيو چيو آھي تہ ايران سان معاھدو اڃا بہ ممڪن آھي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏھن آمريڪي فوج ڏکڻ ايران تي نوان حملا ڪيا آهن ۽ نازڪ جنگبندي وڌيڪ غير مستحڪم ٿي وئي آهي۔
جيپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته اڄ قطر ۾ ڳالهيون جاري هيون، ڏسڻو پوندو ته ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي يا نه، منهنجي خيال ۾ گهڻو وقت دستاويزن جي متن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ اصطلاحن جي درستگي تي لڳي ٿو، تنهن ڪري ان ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا۔
هن وڌيڪ چيو ته صدر هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، هو يا ته سٺو معاهدو حاصل ڪندا يا وري ڪو به معاهدو نه ٿيندو۔
آبناءِ هرمز کولڻ تي زور ڏيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪو ڪجهه اتي ٿي رھيو آهي، اهو غير قانوني ۽ قاعدن جي خلاف آهي، اهو دنيا لاءِ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رھيو آهي ۽ ناقابل قبول آهي۔
هن چيو ته ابتدائي دستاويز جي اهم نقطن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، جڏھن ته معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ وڌيڪ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا۔