آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ايران سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ ڏکيو‘ عمل آهي، پر واشنگٽن ان لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
سلوواڪيا جي گاديءَ واري شهر براٽيسلاوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪو روبيو چيو ته، ”اسان بنياد پرست شيعا عالمن سان معاملا طئي ڪري رهيا آهيون، جيڪي پنهنجا جيو پوليٽيڪل فيصلا صرف فقه ۽ الاهيات جي بنياد تي ڪن ٿا.“ هن وڌيڪ چيو ته اڃا تائين ڪو به ايران سان ڪامياب معاهدي تائين ناهي پهچي سگهيو، پر آمريڪا هڪ نتيجي خيز سمجهوتي لاءِ پراميد آهي.
مارڪو روبيو موجب، اسٽيو وٽيڪر ۽ جيرڊ ڪشنر ايران بابت اهم اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا آهن. اهي ٻئي اڱاري ڏينهن جنيوا ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪي مذاڪرات ڪار طور شرڪت ڪندا.
پابندين جي تجويز دهشتگردي جو مثال آهي: اسماعيل بقائي

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي ايوان جي ميمبر نينسي پيلوسي جي ان تجويز تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ايران جي معيشت کي ’مفلوج‘ ڪرڻ لاءِ سخت پابندين جو مطالبو ڪيو هو.
اسماعيل بقائي ايڪس (Twitter) تي لکيو ته، ”سياسي مقصدن لاءِ شهرين کي ڄاڻي واڻي تڪليف پهچائڻ انسانيت خلاف ڏوهه ۽ دهشتگردي جو هڪ مثال آهي. رڳو هڪ بدڪار ذهنيت ئي ٻئي ملڪ جي عوام کي ڏک پهچائڻ واريون پاليسيون تجويز ڪري سگهي ٿي.“
نينسي پيلوسي جمعي ڏينهن چيو هو ته هوءَ ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي مخالف آهي، پر ايراني معيشت کي ايترو ڪمزور ڪيو وڃي جو کين ”درد جو احساس“ ٿئي.
ايران ۽ آمريڪا ۾ ڳالھين پٺيان پسمنظر

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون هڪ هفتو اڳ عمان جي گاديءَ واري شهر مسقط ۾ شروع ٿيون هيون، جڏهن ته ڳالهين جو ٻيو دور اڱاري ڏينهن سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. هي ڇڪتاڻ هڪ اهڙي وقت ۾ وڌي رهي آهي جڏهن خطي ۾ وڌيڪ آمريڪي فوجين جي تعيناتي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران خلاف فوجي ڪارروائي جون ڌمڪيون به سامهون اچي رهيون آهن.