آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي آهي تہ آمريڪا ايران جي 48 اهم شخصيتن کي ماري ڇڏيو آهي ۽ ايراني قيادت مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، ڪيترائي ماڻهو هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهين ٿا۔
پنهنجي وڊيو خطاب ۾ ٽرمپ چيو تہ آمريڪي فوج پاسدارانِ انقلاب جي تنصيبات ۽ ايراني هوائي دفاعي نظام کي نشانو بڻايو، جڏھن تہ 9 سامونڊي جهازن ۽ ايراني بحريہ جي هڪ عمارت تي بہ حملو ڪيو ويو آهي۔
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران جي ملٽري ڪمان مڪمل طور تباهہ ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏھن پاسداران انقلاب، ايراني فوج ۽ پوليس هٿيار ڪيا تہ کين ڇوٽ ملي سگھي ٿي ، ٻي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔
آمريڪي صدر چيو تہ مقرر هدف حاصل ٿيڻ تائين فوجي آپريشن جاري رھندو، وڌيڪ آمريڪي شهرين يا فوجين جي مارجڻ جو امڪان آهي ۽ اهڙي ڪنهن بہ واقعي جو بدلو ورتو ويندو۔
ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ آمريڪا ايراني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ کين اپيل ڪئي تہ هو هن موقعي مان فائدو وٺي پنهنجو ملڪ “واپس وٺن”۔
هن چيو تہ جنگ لڳ ڀڳ چار هفتا جاري رھي سگهي ٿي، ايران هڪ وڏو ۽ مضبوط ملڪ آهي ۽ هن علائقي جي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن……