ايران جي گادي واري شھر تھران تي اسرائيل پاران نون حملن جي لھر شروع ڪئي وئي آھي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آھي تہ تھران تي وڏي پئماني تي حملن جي نئين لھر شروع ڪئي آھي، جنھن ۾ تھران جي انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
ميڊيا موجب ايران جي شھر اندرزگو جي علائقي بہ وڏا ڌماڪا ٿيا، جڏھن تہ ماڪرانيہ جي علائقي ۾ پاسداران انقلاب جي بيسج فورسز تي ھڪ مرڪز کي نشانو بڻايو ويو آھي.
سعد آباد پيلس ڪمپليڪس ويجھو بہ ڪيترائي سخت ڌماڪا ٻڌا ويا، تہ جئين ان ڌماڪن جي نوعيت فوري طور تي واضح ناھي ٿي سگھيو.
ان کان اڳ ڪرج، شھريار ۽ شيراز جي علائقي ۾ بہ ھوائي حملن جا اطلاع سامھون آيا ھئا .
ايراني پاسداران انقلاب موجب اراڪ شھر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيلي جي حمل ۾ تازو ڄاول ٻار، سندس ٻن ورھين جي ڀيڻ سميت والدہ ۽ ڏاڏي شھيد ٿي وئي آھي .
ايران جي صحت واري وزارت موجب 28 فيبروري کان جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1444 ڄڻا شھيد ۽ 18551 زخمي ٿي چڪا آھن…….