لائیو ايران جي توانائي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي تياري ڪري رھيا آھيون: اسرائيل

فہرستِ مضامین

اسرائيلي دفاع واري وزارت جو چوڻ آھي تہ ايران جي توانائي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي تياري ڪري رھيا آھيون.

اسرائيلي دفاع واري وزارت چيو آھي تہ اسرائيل توانائي تنصيبات کي نشانو بڻيائڻ جي تياري ڪري رھيو آھي، جنھن لاءِ آمريڪا کان گرين سنگنل جو انتظار آھي.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو چيو آھي تہ ايران جي اسٽيل ۽ پيٽروڪيميڪل پلانٽس کي نشانو بڻايو آھي، ايران جي اسٽيل ٺاھڻ واري صلاحت 70 سيڪڙو تباھ ڪري ڇڏي آھي.

اسرائيلي صحت واري وزارت جو چوڻ آھي تہ ايراني حملن ۾ زخمي ماڻھن جو انگ 6 ھزار 771 ٿي چڪو آھي، ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا ايران جنگ لاءِ ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل تعينات ڪري ڇڏيا آھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں