ايران جي ايٽمي پروگرام تي ٻيھر پابندي، يورپي ملڪ هوش مان ڪم وٺن: ايران جي وارننگ

فہرستِ مضامین

ايران-اسرائيل جنگ کانپوءِ سمجھو پئي ويو ته يورپي ملڪ ايران تي لڳل عالمي پابندين ۾ نرميءَ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا، پر برطانيه، فرانس ۽ جرمني ايران تي سخت پابندين جو مطالبو ڪيو آهي.

ٽنهي يورپي ملڪن ايران سان ڳالهيون جاري رکندي چيو آهي ته تھران آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪري، ٽنھي ملڪن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران آگسٽ جي آخر تائين سفارتي حل تي راضي نه ٿيو ته  پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ لاءِ “اسنيپ بيڪ” ميڪينزم کي فعال ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اهي پابنديون 2015 جي ايٽمي معاهدي تحت ختم ڪيون ويون ھيون.

ٽنهي ملڪن گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو  ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ايران جي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ اسنيپ بيڪ مڪينزم کي فعال ڪيو ويو آهي.

اسنيپ بيڪ ميڪينزم جي فعال ٿيڻ سان ڪهڙيون پابنديون لڳنديون؟

ڏهه سال اڳ ايران برطانيه، جرمني، فرانس، آمريڪا، روس ۽ چين سان هڪ ايٽمي معاھدو ڪيو ھو، معاهدي تحت ايران تي گڏيل قومن، آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳل پابنديون ختم ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ايران ايٽمي پروگرام مٿان ڪجهه پابندين تي راضي ٿيو هو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل معاهدي کي جولاءِ 2015 ۾ منظور ڪيو ۽ اهو معاهدو 18 آڪٽوبر 2025 تي ختم ٿيندو.

معاهدي تحت ڪنهن به ڌر کي پابندين جي ٻيهر بحالي يا اسنيپ بينڪ واري عمل کي شروع ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، جيڪڏهن پابنديون ٻيهر بحال ٿيون ته  سلامتي ڪائونسل جون ايران تي اڳ ۾ لڳايل سخت پابنديون ٻيهر لاڳو ٿي سگهن ٿيون، خميس ڏھاڙي يورپي ٽرائيڪا (فرانس، جرمني ۽ برطانيه) سلامتي ڪائونسل کي اطلاع ڏنو آهي ته اهي اسنيپ بيڪ جي عمل کي فعال ڪري رهيا آهن.

ٽيهه ڏينهن واري مدي جو مطلب ڇا آهي؟

2015 جي معاهدي ۾ پابندين جي ٻيهر بحالي يا اسنيپ بيڪ جي شق شامل هئي، جنهن کي گڏيل قومون ايران خلاف استعمال ڪري سگھن ٿيون.

هاڻي يورپي ٽرائيڪا جي بيان موجب اسنيپ بيڪ وارو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل کي 30 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻو پوندو ته ايران خلاف پابنديون جاري رکڻيون آهن يا نه، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽ گهرجن ۽ ڪنهن به مستقل ميمبر کي ويٽو استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي.

پر جيڪڏهن 9 يا وڌيڪ ميمبر پابندين کي وڌائڻ يا نرم ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏين، ته برطانيه ۽ فرانس ان فيصلي کي روڪڻ لاءِ ويٽو استعمال ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪو فيصلو منظور نه ٿيو، ته گڏيل قومن جون پابنديون ايران تي لڳل پابنديون ٻيھر لاڳو ٿي وينديون ، يعني اسنيپ بيڪ شروع ٿيڻ کانپوءِ 30 ڏينهن ۾ اھو سڀ ٿي سگھي ٿيو،جيستائين سلامتي ڪائونسل ٻيو ڪو قدم نه کنيو.

اسنيپ بيڪ ميڪينزم سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: ايران

ٻئي پاسي، ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي ٽرائيڪا کي خبردار ڪيو آهي ته اسنيپ بيڪ ميڪينزم فعال جا سنگين نتيجا نڪرندا، عراقچي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايجنڊا تي عمل ڪندي يورپي ٽرائيڪا ايراني عوام تي دٻاءُ وڌائڻ جو بدنيتي تي ٻڌل فيصلو ڪيو آهي. اهو غيراخلاقي، بناجواز ۽ غير قانوني آهي، جنهن بابت ايران اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو آهي.

عراقچي چيو ته ھن گذريل ٻن ڏهاڪن کان آمريڪا سان ڳالهين واري عمل جي قيادت ڪئي آھي، هن سال ايران ٽرمپ انتظاميه سان پنج دورن ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ ڇهين دور کان اڳ ايران کي پهريان اسرائيل ۽ پوءِ آمريڪا ايران مٿان بمباري ڪئي، هاڻي يورپ جي دعويٰ آهي ته ايران ڳالهين کان ڀڄي رهيو آهي، اهو بلڪل گمراھ ڪندڙ آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن يورپ اهڙن قدمن کان پاسو نھ ڪيو تھ ان جا نه رڳو ايران ۽ اولھھ جي لاڳاپن تي غلط اثر پوندا، پر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي شهرت تي به سنگين خطرا پيدا ٿيندا، عراقچي چيو ته بنا قانوني جواز جي اسنيپ بينڪ ميڪينزم جو استعمال نه رڳو سلامتي ڪائونسل جي فيصلن تي اعتماد کي متاثر ڪري ٿو، پر عالمي امن ۽ سلامتي کي پڻ خطري ۾ وجھي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں