آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ دعويٰ ڪئي آهي تہ ايران جو نئون رهبرِ اعليٰ مجتبيٰ خامنائي هن وقت زخمي آهي ۽ منظرِ عام تان غائب ٿي لڪندو پيو وتي.
پينٽاگون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي وزير چيو تہ گذريل ڏينهن ايراني سرڪاري ٽي وي تي مجتبيٰ خامنائي جو هڪ لکت ۾ بيان پڙھي ٻڌايو هو، پر ان سان گڏ ڪا بہ وڊيو يا آڊيو جاري نہ ڪئي وئي.
دفاع واري وزير صحافين اڳيان سوال اٿاريو تہ ”ايئن ڇو ٿيو؟“ ۽ پاڻ ئي جواب ڏنائين تہ ”منهنجو خيال آهي تہ توهان سڀ ڄاڻو ٿا تہ ائين ڇو ٿيو، نئون سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي هن وقت خوفزده ۽ زخمي آهي ۽ منظرِ عام تي اچڻ کان پاسو ڪري رھيو آهي.
آمريڪي دفاع واري وزير اها بہ دعويٰ ڪئي تہ تازن ڏينهن ۾ ايران جي ميزائل حملن ۾ تقريبن 90 سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي آهي، جڏھن تہ ايران پاران ڪيل هڪ طرفي ڊرونز حملن ۾ بہ 95 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ ايران هن وقت آبنائي هرمز ۾ انتهائي مايوسي جو مظاهرو ڪري رھيو آهي، پر آمريڪا ان صورتحال سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
پيٽ هيگسٿ چيو تہ آمريڪا ايران جي فوجي صلاحيتن کي اهڙي انداز ۾ تباه ڪري رھيو آهي جيڪو دنيا اڳ ڪڏھن ناهي ڏٺو، ايراني فوج کي وڏي حد تائين جنگ جي قابل ناهي ڇڏيو ويو، آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي فوجن جو گڏيل آپريشن انتهائي اثرائتو ثابت ٿي رھيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس صلاحيتون مسلسل بهتر ٿي رهيون آهن.
آمريڪي دفاع واري وزير جو چوڻ هو تہ ايران جو فضائي دفاعي نظام سخت متاثر ٿي چڪو آهي، جڏھن تہ سندس ميزائل لانچرز کي بہ نشانو بڻايو پيو وڃي.
پيٽ هيگستھ چيو تہ اڄ ايران جي فضائن ۾ آمريڪا پاران ڪيل حملن جو تعداد هينئر تائين جي بلند ترين سطح تي پهچي سگهي ٿو.