ايران اعلان ڪيو آهي تہ سول ڍانچي ۽ بجلي گهرن تي ٿيندڙ ڪنهن بہ حملي جو ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ جو الٽيميٽم بہ رد ڪيو ويو آهي۔
ايران واضح ڪيو آهي تہ هو پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ جيڪڏھن حملا ڪيا ويا تہ ان جو جواب سڄي خطي ۾ محسوس ڪيو ويندو۔
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعیل بقائی چيو آهي تہ ايران وٽ جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي مڪمل طاقت موجود آهي ۽ ڪنهن بہ جارحيت جو سخت جواب ڏنو ويندو۔
ٻئي طرف خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراھيم ذوالفقاری چيو آهي تہ آمريڪي صدر جنگ جي شروعات بابت جيئن غلط اندازو لڳايو، تيئن ئي هو ان جي پکيڙ بابت بہ غلط سمجهي رھيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ ايران هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ آبنائي هرمز مان آمريڪا ۽ اسرائيل کي گذرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي۔….