ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آھي تہ گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي فوجي آفيسرن جي ھڪ گڏجاڻي کي نشانو بڻايو ويو جنھن ۾ 37 آمريڪي فوجي مارجي ويا آھن.
پرڏيھي ميڊيا موجب بيان ۾ چيو ويو آھي تہ گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي فوجي آفيسرن جي گڏجي گڏجاڻي واري ھنڌ تي پاسداران انقلاب جي نيوي پاران ڪيل حملي ۾ 37 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن
اھو بہ ٻڌايو ويو تہ صبح کان وٺي ھيل تائين پاسداران انقلاب جي نيوي فوج وڏي پئماني تي پنج آپريشن ڪيا جن دوران امارات، بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.
ايران پاران اڄ صبح ھڪ ڊرون حملي ۾ اتر سمنڊ ۾ ابراھيم لنڪن جھاز بردار جھاز کي بہ نشانو بڻايو ويو جنھن سبب جھاز کي پوئتي ھٽڻو پيو
ٻئي پاسي ايران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا جاري آھن، حملن ۾ ھيل تائين 1937 ڄڻا شھيد ٿيا آھن، جن ۾ 240 عورتون ۽ 212 ٻار شامل آھن….