ايران جا نار ملڪن تي 450 ميزائلن ۽ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڊرون حملا، رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي جي تصديق

فہرستِ مضامین

ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي۔

سعودي اختيارين موجب رياض ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني تي ٻن ڊرونن ذريعي حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ محدود باهہ لڳي ۽ معمولي نقصان ٿيو۔

هوڏانهن ايراني پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي تہ آبنائي ھرمنز کي ڪيو ويو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي تہ هن سامونڊي گذرگاهہ مان گذرندڙ ڪنهن بہ جهاز کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

ياد رھي تہ آبنائي هرمز وسيلي دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جيترو تيل منتقل ٿئي ٿو۔

اسرائيلي ۽ آمريڪي فوج جا تهران تي حملا جاري آهن، جن دوران ايراني سرڪاري نشرياتي اداري کي بہ نشانو بڻايو ويو، ايران ۽ لبنان ۾ گڏيل طور شھادتن جو انگ 600 کان وڌي چڪو آهي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران خلاف فوجي مهم لڳ ڀڳ چار هفتا جاري رھي سگهي ٿي ۽ واشنگٽن تهران جي ميزائل ۽ جوھري پروگرام کي تباهہ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو۔

ايران پاران نار ملڪن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي بہ نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي۔

ٻن تنصيبات تي حملا ٿيڻ کانپوءِ قطر گئس جي پيداوار عارضي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

ايران طرفان اسرائيل جي مختلف علائقن تي بہ حملا جاري آهن، اسرائيلي فوج موجب اولهہ يروشلم، تل ابيب ۽ ايلات مٿان ميزائل روڪيا ويا، تنهن هوندي بہ ڇنڇر کان هينئر تائين اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي چڪا آهن۔

علائقي ۾ تيزي سان بگڙندڙ صورتحال سبب عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي ۽ سفارتي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں