ايران جا اسرائيل، قطر، يو اي ايِ ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا

فہرستِ مضامین

اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران جي مختلف شھرن تي حملن کانپوءِ  ايران جوابي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آھي، ايران پاران اسرائيل، بحرين، ابوظھبي، ڪوئت ۽ ٻين ھنڌن تي آمريڪي اڏن تي ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪيا ويا آھن.

اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آھي تہ ايران پاران اتر وارن علائقن ۾ ميزائل حملا ڪيا ويا آھن، خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ دفاعي نظام آپريٽ ڪيو پيو وڃي.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ ايراني ميزائل اسرائيل جي اتر وارن علائقن طرف فائر ڪيا ويا آھن، حملي کانپوءِ شھرين کي شيلٽرز ۾ وڃڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي .

پرڏيھي ميڊيا موجب بحرين ۾ ايران پاران  آمريڪي نيول بيس تي حملو ڪيو،  بحرين ۾ آمريڪي سامونڊي بيس جي علائقي جفير تي حملو ڪيو ويو .

بحرين اختيارن ايراني حملي جي تصديق ڪندي چيو آھي تہ ايران پاران آمريڪي اڏي ۽ گادي واري شھر مناما ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا آھن، اڃا تائين ڪنھن نقصان جا اطلاع ناھن مليا.

بحرين اختيارن جو چوڻ آھي تہ شھري ويجھي ترين محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن ۽ فوجي تنصيبات واري علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

پرڏيھي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارت جي شھر ابوظھبي ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آھن، ٻئي پاسي ايراني اختيارن تصديق ڪئي آھي تہ بحرين ۾ آمريڪي بيس کي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو آھي، خطي ۾ موجود آمريڪي اڏا ۽ مفاد ايران جي پھچ ۾ آھن .

ايراني حملن کانپوءِ اسرائيل، قطر، ڪويت، يو اي اي ھوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آھن…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں