ايران تي مڙھيل جنگ جي اصل ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستاني سرحد تائين آڻڻ آھي: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

بچاءَ واري وزير خواجہ آصف يھوديت کي انسانيت لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي تہ ايران تي جنگ مڙھي وئي آهي ۽ اصل ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستان جي سرحدن تائين آڻڻ آهي۔

هن چيو تہ اسرائيل جي قيام کان وٺي اڄ تائين اسلامي دنيا تي ايندڙ هر آفت پٺيان يھودي نظريو آهي، يھوديت گذريل هڪ صدي کان عالمي معيشت تي اثرانداز رھي آهي ۽ وڏيون طاقتون بہ ان جي اثر هيٺ آهن۔

خواجه آصف چيو تہ پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي صلاحيت کي دنيا تسليم ڪري ٿي، هن ياد ڏياريو تہ ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا کي ٻڌايو ويو هو تہ پاڪستان هڪ ايٽمي قوت آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ ايران تي جنگ زبردستي مڙھي وئي آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ اسرائيلي اثر پاڪستان جي سرحدن تائين پهچايو وڃي، سندس خيال ۾ افغانستان، اسرائيل ۽ ڀارت جو گڏيل ايجنڊا پاڪستان دشمن بہ ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري قوم کي انهن سازشن کي سمجهڻو پوندو۔

بچاءَ واري وزير اسلامي دنيا ۾ اتحاد کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي دعا ڪئي تہ فلسطين آزاد ٿئي ۽ پاڪستان محفوظ رھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں