ايران تباھ ٿيل آمريڪي جھاز جي پائليٽ جي ڳولا تي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
برطانوي ميڊيا ايراني سرڪاري ٽي وي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو تہ ايران تباھ ٿيل آمريڪي جھاز جي پائلٽ جي ڳولا تي 66 ھزار 100 ڊالر انعام جو اعلان ڪيو آھي.
آمريڪي پائلٽ کي زندہ حالت ۾ پڪڙيندڙ شھري کي اھا رقم انعام طور ڏني ويندي.
ٻئي پاسي آمريڪي عھديدارن ٻڌايو آھي تہ پائلٽ کي بچايو ويو آھي، پر عملي جو ھڪ ميمبر گم آھي، گم ٿيل اھلڪار جھاز ۾ موجود ويپن سسٽمز آفيسر ھو.
آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي جھاز ايف 15 ڏکڻ ايران ۾ڪيرائي تباھ ڪيو ويو……….