نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير چيو آهي تہ ايران ايٽمي هٿيار نہ ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو هو، ايٽمي ڳالهين ۾ ھاڪاري اڳڀرائي باوجود ايران تي حملو ڪيو ويو ۽ جڏھن تہ ايران تي حملو ٿيو تہ پاڪستان ان جي مذمت ڪئي.
سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن ۽ پوءِ ايران طرفان مختلف ملڪن تي ڪيل جوابي ڪاررواين کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پاليسي بيان ڏنو۔
هن ايوان کي ٻڌايو تہ پاڪستان جي ڪوششن بابت ايراني قيادت مڪمل طور آگاھ آهي، جڏھن پاڪستان وٽ سلامتي ڪائونسل جي صدارت ھئي ، تڏھن بہ آمريڪا ۽ ايران جي معاملي تي ڪيترائي بحث ڪرايا ويا هئا۔
اسحاق ڊار چيو تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو عمل ڪاميابي سان هلي رھيو هو، جنهن ۾ عمان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رھيو هو، اميد هئي تہ ڳالهيون ھاڪاري نتيجي ڏانهن وڌي رھيون آهن، پر ان دوران ايران تي گذريل سال جون جهڙو حملو ڪيو ويو .
هن ٻڌايو تہ سندس آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان پڻ ملاقات ٿي، ايران ايٽمي هٿيار نہ ٺاهڻ تي رضامند ٿيو هو، پاڪستان ايران جي پُرامن ايٽمي توانائي جي حق جي حمايت ڪئي، جڏھن تہ آمريڪا ايران جو سڄو ايٽمي پروگرام مڪمل ختم ڪرڻ چاهيو پئي، پاڪستان ايران کي پُرامن ايٽمي پروگرام جاري رکڻ جي ڳالهہ مڃرائي۔
اسحاق ڊار چيو تہ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار هو، دنيا ۾ رڳو پاڪستان ايران خلاف حملي جي کلي نموني مذمت ڪئي، جنهن سبب ايراني پارليامينٽ ۾ “ پاڪستان جي حق ۾ نعرا لڳا، سلامتي ڪائونسل ۾ بہ پاڪستان واضح لفظن ۾ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ معاملي جو سفارتي سطح تي حل ڳولھڻ تي زور ڏنو.
هن وڌيڪ چيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ ايران نار ملڪن تي حملو ڪيو ۽ چيو تہ هو آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائي رھيو آهي، جتي هوائي اڏا بہ متاثر ٿيا، پاڪستان کي هن تڪرار ۾ پوڻ نہ گهرجي، جيڪڏھن انهن ملڪن تي حملو نہ ٿئي ها تہ پاڪستان آمريڪا ۽ اسرائيل بابت گڏجي آواز اٿاري ها، هن چيو تہ مزاحمت جو امڪان هوندو آهي، پر پاڪستان 15 منٽن اندر حملي جي مذمت ڪئي۔
سينيٽ اجلاس دوران اسحاق ڊار چيو تہ 12 سالن کانپوءِ سلامتي ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ٿيو، حڪومت ڳالهين لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رھي آهي
هن ٻڌايو ته سندس ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ سڌو رابطو آهي ۽ رابطي لاءِ باقاعده پرڏيهي آفيس جي ضرورت ناهي۔
هن چيو تہ پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ ايران تان پابنديون هٽائڻ واري ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، 28 فيبروري تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس پڻ ڪرايو ويو ۽ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي وئي، پاڪستان عرب ملڪن سان گڏ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڌرين کي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ڇاڪاڻتہ عالمي امن ۽ سلامتي ڪمزور ٿي رھي آهي۔..