ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح ڪيو آھي تہ ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي دٻاءُ آڏو ڪڏھن بہ سرينڊر نہ ڪندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ ايراني صدر چيو تہ ايران آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي شروعات ناھي ڪئي.
ھن چيو تہ خطي ۾ ايران خلاف آمريڪي فوجي اڏن جو استعمال بند ٿيڻ گھرجي، ڇو جو ان جو مقصد ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي خراب ڪرڻ آھي، ايراني صدر ٻڌايو تہ ان معاملي تي فرانسيسي صدر سان بہ ڳالھايو آھي.
مسعود پشڪيان جو چوڻ ھو تہ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ان وقت تائين ممڪن ناھي جيستائين ايران خلاف يھودي آمريڪي جارحيت جي نظرانداز ڪيو ويندو.
ھن چيو تہ جيستائين خاطري نٿي ڪرائي وڃي تہ آئندہ ايران جي سرزمين تي وڌيڪ حملا نہ ٿيندا، تيستائين جنگ جي خاتمي جي ڳالھيون ڪرڻ بي معنيٰ آھن…..