ايراني پاسداران انقلاب علي لاريجاني ۽ ٻين شھيدن جي خون جو پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو، جنھن بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آھي.
ترجمان موجب علي لاريجاني جو خون ايراني عزت ۽ قومي بيداري جي علامت بڻجي چڪو آھي ۽ يھوي طاقتن خلاف حوصلو وڌيڪ بلند ٿي ويو آھي.
پاسداران انقلاب جو چوڻ آھي تہ شھيد علي لاريجاني ۽ ٻين شھيدن جي قرباني کي ھرگز فراموش نہ ڪيو ويندو ۽ ان جي خون جو حساب ورتو ويندو.
علي لاريجاني جي شھادت بعد ايران پنھنجي حملن جو دائرو وسيع ڪندي گڏيل عرب امارات ۾ ڊرون ڪارروايون ڪيون، جڏھن تہ بغداد ۾ ايئرپورٽ ويجھو آمريڪي سفارتي مرڪز کي نشانو بڻايو ويو
ايراني صدر مسعود پزشڪيان شھيد علي لاريجاني کي ڀيٽا پيش چيو تہ ھو ھڪ اڳڀرو ۽ قيمتي شخص ھو، جنھن مختلف اھم عھدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ خطي ۾ امن استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪيو.
ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي آذربائيجان جي پنھنجي ھم منصب سان رابطو ڪيو ۽ واضح ڪيو تہ ٻين ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏا ايران جو جائزو ھدف آھن، ان جو چوڻ ھو تہ ايران جي ڪارروايون رڳو آمريڪي تنصيبات خلاف آھن………